آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سان ملڪ جي سلامتي متاثر ٿي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: (جمعو 14 جنوري 2022ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جا شرط مڃڻ سان ملڪ جي سلامتي متاثر ٿي آهي. وزيراعظم قومي سلامتي پاليسي جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وڏي محنت سان نيشنل سيڪيورٽي پاليسي کي جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ قومي سلامتي کي صحيح معنيٰ ۾ واضح ڪيو ويو آهي. ڪوشش آهي ته رياست ۽ عوام هڪ رستي تي هلن. اسان کي مجبوي جي حالت ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. ماضي ۾ ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط ناهي ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن کي پاليسي ٺاهڻ تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پاليسي ۾ نيشنل سيڪيورٽي کي صحيح طريقي سان واضح ڪيو ويو آهي. ملڪ کي محفوظ بنائڻ تي هٿياربند فوج کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اسان وٽ تربيت يافته فوج موجود آهي. ڪوشش آهي ته رياست ۽ عوام هڪ رستي تي هلن. ملڪ جي معيشت ڪمزور هوندي ته دفاع به ڪمزور هوندو. اسان مجبوري ۾ آءِ ايم ايف جا شرط مڃيا آهن. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سبب عوام مٿان بار وجهڻو پيو آهي. آءِ ايم ايف سڀني کان وڌيڪ سستا قرض ڏيندو آهي. هن چيو ته هر فلاحي رياست پنهنجي ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻندي آهي. اسان جي ترجيح سڀني کان پهريان ڪمزور طبقي کي تحفظ ڏيڻ آهي. صحت ڪارڊ جي ذريعي اسان هر خاندان کي تحفظ ڏنو. جن صوبن ۾ اسان جي حڪومت اهي اتي هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، سواءِ سنڌ جي سمورن صوبن ۾ صحت ڪارڊ ڏنو پيو وڃي.

ماضي ۾ بينڪ گهر ٺاهڻ لاءِ عام ماڻهو کي قرض نه ڏيندو هو. وزيراعظم وڌيڪ ڇيو ته ملڪ ۾ 3 طريقن جو تعليمي نظام آهي، انگلش ميڊيم، اردو ميڊيم ۽ ديني مدرسا، اهو نظام ناانصافي تي ٻڌل آهي. اسان تعليمي نسل پرستي ڪري رهيا آهيون ۽ 3 ڌار ڌار ثقافتون ٺاهي رهيا آهيون. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اسان هڪ جهڙو تعليمي نظام آندو آهي.

January 14, 2022 at 3:32 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 13
  • 582
  • 3,520
  • 16,308
  • 16,308

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open