پاڪستان پهرين قومي سلامتي پاليسي جو پبلڪ ورزن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (جمعو 14 جنوري 2022ع) پاڪستان پهرين قومي سلامتي پاليسي جو پبلڪ ورزن جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ قومي سلامتي پاليسي جي تقريب دوران وزيراعظم عمران خان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوج جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.
قومي سلامتي پاليسي واري تقريب کي خطاب ڪندي قومي سلامتي جي صلاحڪار معيف يوسف چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون. اسان سموري دنيا جون پاليسيون ڏٺيون آهن. پاڪستان جون سموريون پاليسيون اعليٰ معيار جون آهن.
معيد يوسف چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي تي تمام گهٻي بحث ٿي پاڪستان جي سمورن شعبن جون گهڻيون پاليسيون آهن جيڪي ٺهنديون آهن ۽ اپڊيٽ ٿينديون آهن. معيد يوسف چيو ته قومي سلامتي پاليسي جو اصل ڊاڪيومينٽ ڪلاسيفائيڊ آهي پر وزيراعظم چيو هو ته پاليسي کي پڌرو ٿيڻ گهرجي.
قومي سلامتي پاليسي جي سامهون ايندڙ نڪتن موجب ڪشمير کي پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي ۾ اهم قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته پاليسي ۾ معيشت جي تحفظ کي به مُک حيثيت حاصل آهي. وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان چيو ته قومي سلامتي پاليسي سان قوم جو قبلو صحيح ڪيو ويو آهي.

January 14, 2022 at 3:21 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 14
  • 583
  • 3,521
  • 16,309
  • 16,309

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open