حڪومت خلاف احتجاج: شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ ملاقات جو امڪان

لاهور؛(آچر 09 جنوري 2022ع) شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ملاقات جو امڪان آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻن وچ ۾ رابطا ٿي رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ ملاقات ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. اها ملاقات قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پارليامينٽ ۾ ٿيندي. جنهن جو مقصد اپوزيشن طرفان حڪومت مخالف احتجاج ڪرڻ آهي.
ذريعن موجب شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي اسلام آباد مارچ جي حوالي سان ڳالهيون ٿينديون. جڏهن ته شهباز شريف بلاول ڀٽو کي پي ڊي ايم طرفان ٿيندڙ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو ۽ جيڪڏهن بلاول ڀٽو مارچ ۾ شرڪت جي لاءِ راضپو نه ڏيکاريو ته پوءِ پي ڊي ايم پنهنجو شيڊول پيپلز پارٽي سان ايڊجسٽ ڪندي.

January 9, 2022 at 3:48 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 14
  • 583
  • 3,521
  • 16,309
  • 16,309

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open