مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي ٽيويهه ٿي ويو

مري: (آچر 09 جنوري 2022ع) مري ۾ برف جو طوفان سياحن مٿان قيامت بڻجي ٽٽي پيو، گاڏين ۾ ڦاٿل ماڻهو سموري رات روڊ تي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون ٿيون. هڪ ٻئي ٻارڙي جي لاش ڪڍي وئي آهي جنهن کان پوءِ ٿڌ سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 23 ٿي ويو آهي.
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد مري ۽ گليات ۾ ڦاٿل سياحن جي امداد جي مانيٽرنگ لاءِ مري پهتو جتي هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪ فوج جون 5 پلاٽون طلب ڪيون ويون آهن. سياحن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي.

ايف سي ۽ رينجرز کي به امدادي سرگرمين لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته مري ۾ سياحن جو وڏو انگ برفباري جو نظارو ڪرڻ لاءِ پهتو جتي هڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون مري ۽ گليات ۾ داخل ٿيون. روڊ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. جنهن سبب گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو گاڏين تائين محدود ٿي ويا.
سخت برفباري سبب ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي انتظاميه سياحن کي گهڻي رش سبب جاڙن شهرن کان مري ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. انتظاميه جو چوڻ آهي ته مري ويندڙ رستا آچر جي رات تائين بند رهندا.
مري ۾ پوندڙ برسات، برفباري ۽ هنگامي موسمي صورتحال کي ڏسندي سياحن ۽ شهرين جي سهوليت ۽ رهنمائي جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ۽ سي پي او راولپنڊي سمورين انتظامي ڪارروائين جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي.

January 9, 2022 at 3:45 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 12
  • 581
  • 3,519
  • 16,307
  • 16,307

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open