ڪراچي: ملير ۾ ڀيڻ ۽ ڀائرن سان جهيڙي کان پوءِ گهران نڪتل ناري جو لاش هٿ

ڪراچي: (آچر 09 جنوري 2022ع) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ڀيڻ ۽ ڀائرن سان جهيڙي کان پوءِ گهران نڪتل 17 سالا ناري جو لاش اسٽيل ٽائون ويجهو پپري فلٽر پلانٽ جي نالي مان ملي ويو آهي.
پوليس ناري کي ڳجهي طور تي موبائل فون ڏيندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او اڪرم آرائين موجب آچر جي صبح اسٽيل ٽائون ۾ پپري فلٽر پلانٽ ويجهو نالي مان 17 سالا ڇوڪري جو 2 کان 3 ڏينهن پراڻو لاش مليو. لاش ڪافي ڳري چڪو آهي پر ملير فلٽر پلانٽ آچار ڳوٺ جي رهواسي پورهيت غوث محمد ناري جي ڪپڙن جي مدد سان پنهنجي 17 سالا ڌيءَ شينا جي نالي سان سڃاڻپ ڪري ورتي.

اڪرم آرائين موجب ناري 4 جنوري تي ٻنپهرن جو 3 وڳي پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائرن سان جهيڙو ڪري گهر مان ناراض ٿي هلي وئي هئي. پوليس موجب ڇوڪريءَ جي پيءُ غوث محمد 4 جنوري تي ئي اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر نمبر 22/13 داخل ڪرائي ڇڏي هئي. قلم 365 بي ۽ 34 داخل ڪئي وئي. ايف آءِ آر ۾ مدعي اهو سمورو واقعو بيان ڪيو هو. ڇوڪري جي پيءُ غوث محمد موجب ڇوڪريءَ کي شام تائين ڳوليو ويو نه ملڻ تي گهر ۾ ان جي سامان جي به تلاشي ورتي وئي جنهن مان هڪ موبائل فون مليو.
موبائل فون ڇوڪري لڪائي رکيو هو. موبائل ڇوڪريءَ کي ڪنهن اڻڄاڻ ڇوڪري طرفان ڏنو ويو هو. موبائل فون تي هڪ ٻئي موبائل فون تان ميسيج به آيل هئا. پوليس موجب ڪيس ۾ شڪ ظاهر ڪيو ويو هو ته ڇوڪريءَ شينا کي ڪنهن جوابدار لالچ ڏئي اغوا ڪيو. پويس موجب لاش تي تشدد جا نشان نه آهن پر موت جو سبب پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ سامهون ايندي.
پوليس موجب مذڪوره موبائل فون سمز جي مدد سان به ڇوڪريءَ جي مبينه واقفيت جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته مقتوله جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

January 9, 2022 at 3:44 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open