حڪومت جي نالائقي ۽ وقت تي قدم نه کڻڻ سبب معصوم شهري حياتين کان محروم ٿي ويا: آصف زرداري

ڪراچي: (آچر 09 جنوري 2022ع) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مري ۾ حڪومت جي نالائقي سبب معصوم شهري حياتين کان محروم ٿي ويا.
مري ۾ پوندڙ تيز برفباري ۽ ٿڌ سبب وڏي انگ ۾ فوتگين تي ڏک جو اظهار ڪندي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته فوت ٿي ويلن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. رب پاڪ فوت ٿي ويلن جي مغرفت ۽ ان جي وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.
اڳوڻي صدر چيو ته مري ۾ حڪومت طرفان وقت تي قدم نه کڻڻ سبب افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي. حڪومت جي نالائقي ۽ نااهلي سبب معصوم شهري حياتين کان محروم ٿي ويا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن مري ۾ تيز برفباري ۽ ٽريفڪ جي جام ٿيڻ سبب سخت سيءَ ۾ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. جڏهن ته پنجاب حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.

January 9, 2022 at 3:41 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open