مري ۾ سياحن جون فوتگيون انتظامي نااهلي جو دردناڪ واقعو آهي: شيخ رشيد

لاهور: (ڇنڇر08 جنوري 2022ع) مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مري ۾ فوتگيون انتظامي نااهلي ۽ ڏوهاري غفلت جو دردناڪ واقعو آهي.
رپورٽ موجب مري ۾ سخت ٿڌ دوران سياحن جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪندي مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف چيو ته مري ۽ گليات ۾ ٽريفڪ رش ۾ ڦاٿل گاڏين ۾ شهرين جون فوتگيون انتظامي نااهلي ۽ ڏوهاري غفلت جو دردناڪ واقعو آهي.
جڏهن حڪومت کي خبر هئي ته شهري هن خطرناڪ ٿڌ ۾ ڦاٿل آهن ته کين بچائڻ ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن پهچائڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي وئي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته هي حڪومت جي انتظامي صلاحيت جو عالم آهي ته مري ۽ گليات ۾ ٽريفڪ انتظام ڪرڻ جي به قابل ناهي. جيڪڏهن حڪومت هڪ هزار گاڏين جي انتظام جي صلاحيت به نٿي رکي ته پوءِ کيس اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه حق نه اهي. جيڪڏهن سياح ايتري وڏي انگ ۾ وڃي رهيا هئا ته حڪومت کي خبر ڇو نه پئي. انتظاميه ڪٿي ستل هئا. اڳواٽ انتظام ڇو نه ڪيا ويا.
شهباز شريف چيو ته جيڪا حڪومت رش ۾ ڦاٿل پنهنجي شهرين کي نه بچائي سگهي اهي مهانگائي جي دلدل مان عوام کي ڪيئن ڪڍي سگهن ٿا. جيڪا حڪومت هڪ هزار گاڏين جو مسئلو حل نٿي ڪري سگهي اها ملڪ جي وڏي ۽ سنگين مسئلا ڪيئن حل ڪندي. عمران نيازي ۾ ته اخلاقي جرئت ناهي. گهٽ ۾ گهٽ هن سنگين ڏوهاري غفلت جي ذميوار وزير ۽ ماتحتن کي کي هٽايو وڃي. هن ناحق فوتگين تي ڪنهن کي ته ذميوار قرار ڏنو وڃي.

January 8, 2022 at 3:28 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open