فواد چوڌري عوام کي مٿانهين علائقن ڏانهن تفريح جو پروگرام ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (ڇنڇر08 جنوري 2022ع) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مري ۽ ٻين مٿانهين علائقن ۾ پوندڙ برفباري سبب صورتحال انتهائي خراب آهي. لکين گاڏيون ان علائقن طرف وڃي رهيون آهن. هن عوام کي مٿانهين علائقن ڏانهن تفريح جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.
وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته مقامي انتظاميه لاءِ ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي.
فواد چوڌري چيو ته جيڪي ماڻهو اڃان گهرن ۾ آهن انهن کي درخواست آهي ته مٿانهين علائقن جي تفريح جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏين.

January 8, 2022 at 3:27 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 13
  • 582
  • 3,520
  • 16,308
  • 16,308

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open