مري ۾ رڪارڊ برفباري کان پوءِ زندگي جو نظام مفلوج بڻجي ويو، ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري

اسلام آباد: (ڇنڇر08 جنوري 2022ع) مري ۾ تيز برفباري کان پوءِ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. 3 فٽن تائين برف پئجي چڪي آهي. جنهن سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. موبائل، انٽرنيٽ سروس معطل ٿيڻ سبب سياحن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
مري ۾ سياحن جو وڏو انگ برفباري جو نظارو ڪرڻ لاءِ پهتو جتي هڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون مري ۽ گليات ۾ داخل ٿيون جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو، مري پهتل ڪيترائي خاندان گاڏين ۾ محدود ٿي ويا. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي انتظاميه سياحن جي گهڻي رش سبب جاڙن شهرن کان مري ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا. انتظاميه جو چوڻ آهي ته مري ويندڙ رستا آچر جي رات تائين بند رهندا.
مري ۾ لاڳيتو پوندڙ برسات ۽ برفباري کان پوءِ هنگامي موسمي صورتحال کي ڏسندي سياحن ۽ شهرين جي سهوليت ۽ رهنمائي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي آفيس ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ۽ سي پي او راولپنڊي سموري انتظامي ڪاررواين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽلي پهريان کان مري ۾ موجود آهن جيڪي تعلقه انتظاميه جي مدد ۾ ڪوشان آهن. هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ريسڪيو 1122، سول ڊفينس ۽ صحت کاتي جون ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي مري ۾ سياحن جي مدد ۾ مصروف آهن. جڏهن ته مري ۾ 70 سيڪڙو بجلي جي سپلاءِ بحال ڪئي وئي آهي، ايف سي ۽ رينجرز کي به امدادي سرگرمين لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.

January 8, 2022 at 3:26 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open