بنون ۾ سي ٽي ڊي پاران ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جا ٻه دهشتگرد مارجي ويا

بنون: (ڇنڇر08 جنوري 2022ع) بنون ۾ سي ٽي ڊي جي آپريشن دوران مقابلي ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان تعلق رکندڙ 2 دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي گذريل رات ضلعي بنون جي علائقي لڪي ٿاڻي جي حد امير وانڊا روڊ تي دهشتگردن جي خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. ان ڪارروائي دوران دهشتگردن ٽيم مٿان اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ٻيا دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو کڻندي فرار ٿي ويا جن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.
سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سان هو ۽ انهن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف، 6 ميگزين ۽ وڏي انگ ۾ ڪارتوس، سڃاڻپ ڪارڊ، روڪ رقم، مختلف قسمن جا ڪارڊ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي اختيارين ٻڌايو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊر هارون عرف ضرر گنڊاپور گروپ سان آهي ۽ انهن جي سڃاڻپ محمد نصير عرف نصير مولوي ولد عمر اياز، آصف علي ولد صديق علي سان ٿي آهي.
دهشتگرد لکي پوليس موبائيل مٿان حملي ۾ ملوث هئا. حملي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. جڏهن ته هڪ حملي ۾ سب انسپيڪٽر خان بهادر کي شهيد ڪيو ويو هو. ان کان علاوه هي دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀته خوري، بم ڌماڪن ۽ پوليس موبائل مٿان حملي ۾ به سي ٽي ڊي بنون کي گهربل هئا.

January 8, 2022 at 3:24 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open