ميڪسيڪو ۾ گورنر جي آفيس ٻاهران بيٺل ڪار مان ڏهه لاش هٿ

ميڪسيڪو:(جمعو 07 جنوري 2022ع) ميڪسيڪو ۾ ڪار مان 10 لاش هٿ اچڻ تي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ميڪسيڪو جي رياست زاڪائيڪاس ۾ هڪ ڪار مان 10 لاش هٿ آيا.
ميڊيا رپورٽن موجب اها ڪار گورنر جي آفيس ٻاهران بيٺل هئي جنهن کي اختيارين شڪي قرار ڏيندي ان جي تلاشي ورتي ته ڪار مان 10 لاش هٿ آيا آهن.
رياست جي گورنر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته هينئر تائين ان سلسلي ۾ 2 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.
گورنر موجب اها ڪار منهنجي آفيس جي سامهون موجود هئي جنهن ۾ لاش موجود هئا. ميڊيا رپورٽن موجب اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

January 7, 2022 at 3:35 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open