سال جي فرق سان پيدا ٿيندڙ جاڙا ڀاءُ ۽ ڀيڻ

ڪيليفورنيا: توهان جاڙن ٻارن جي پيدائش ۾ هڪ کان ٻن منٽن جو فرق ٻڌو هوندو پر اڄ اسان توهان کي انهن ٻارن بابت ٻڌائڻ وارا آهيون جن جي ڄمڻ ۾ هڪ سال جو فرق آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هڪ عورت جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب فاطمه ميڊريگال ۽ رابرٽ ٽريوجيلو نيٽيواڊ ميڊيڪل سينٽر ۾ ٻارڙن جنم ڏنو ۽ ٻنهي جي ڄمڻ ۾ 15 منٽن جو فرق هو.
ان حوالي سان اسپتال سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن موجب عورت جي پهرين ٻار (پٽ) جو جنم 31 ڊسمبر تي رات 11 لڳي 45 منٽن تي ٿيو ۽ 15 منٽن کانپوءِ رات جو 12 وڳي تي ٻئي ٻار (ڌيءَ) جو جنم ٿيو.
سندن ڄمڻ جي وچ ۾ 15 منٽن جي وقفي جي ڪري سندن جنم ڏينهن مختلف ڏينهن ۽ مهينن ۾ آهي.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙن جاڙن ٻارن جي پيدائش جي شرح 2 لکن مان هڪ جي برابر آهي.

January 6, 2022 at 2:31 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open