موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: (خميس 06 جنوري 2022ع) موسميات کاتي اڄ رات کان ڪراچي ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب اڄ شهر جو موسم جهڙالو رهندو جڏهن ته شام کان بوندا باندي، هلڪي ۽ وچولي برسات جو امڪان آهي.
ٻئي طرف شهر ۾ اڄ رات جو تيز برساتن جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي. چيف ميٽرو لوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ رات جو تيز برسات پئجي سگهي ٿي جنهن کان پوءِ سڀاڻي جمعي جي صبح مغربي هوائن جو سلسلو سنڌ مان نڪرڻ جو امڪان آهي.
سردار سرفراز ٻڌايو آهي ته مغربي هوائن جو سلسلو ملڪ جي اترين حصن ۾ پهاڙن تي برفباري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جڏهن ته مغربي هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو 17 يا 18 جنوري تي بلوچستان تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ اڄ گرمي پد 16 ڊگري سينٽي گريڊ آهي جڏهن ته هوا 14 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهي آهي.

January 6, 2022 at 2:28 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 14
  • 583
  • 3,521
  • 16,309
  • 16,309

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open