ڪراچي مان لياري گينگ وار جا ٽي دهشتگرد گرفتار، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

ڪراچي: (خميس 06 جنوري 2022ع) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ پوليس دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بنائييندي لياري گينگ وار جي 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هينڊ گرنيڊ ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب جوابدار اهم جڳهين کي نشانو بنائڻ لاءِ نڪتا هئا، اسان کي اطلاع ملي ته ڪجهه شڪي ماڻهو گاڏي ۾ دهشتگردي جي لاءِ نڪتا آهن. ناڪا بندي دوران گاڏي جي تلاشي ورتي وئي ته جوابدارن جي قبضي مان هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
گرفتار جوابدارن ۾ ابراهيم علي، محمد عمران ۽ بلال علي عرف بلو شامل آهن. جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

January 6, 2022 at 2:27 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 14
  • 583
  • 3,521
  • 16,309
  • 16,309

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open