راڻيپور ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي، پنج ڄڻا فوت، ويهه کان وڌيڪ زخمي

راڻيپور: (اڱارو 04 جنوري 2022ع) راڻيپور ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 مسافر فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، رپورٽ موجب راڻيپور ويجهو گڏيجي وٽ قومي شاهراهه تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا.
اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين توڙي زخمين کي کڻائي راڻيپور ۽ گمبٽ جي اسپتال پهچايو، ان ڏس ۾ حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين مان چئن ڄڻن جي سڃاڻپ ماهنور، نورجهان، افشان زال ياسر شاهه ۽ ٽن ورهين جي ٻارڙي الهيار طور ٿي آهي جڏهن ته هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.
حادثي سبب فوت ٿيلن جو تعلق پشاور سان آهي، جڏهن ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، جن مان ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

January 4, 2022 at 3:04 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 13
  • 582
  • 3,520
  • 16,308
  • 16,308

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open