ڪراچي: عذير بلوچ ٻن رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس مان بري

ڪراچي: (اڱارو 04 جنوري 2022ع) ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت شاهديون نه هجڻ تي گينگ وار جي سربراهه عزير جان بلوچ ۽ شير محمد عرف شيرو کي بري ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٻن رينجرز اهلڪارن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي شاهديون نه هجڻ جي آڌار تي گينگ وار جي سربراهه عزير جان بلوچ ۽ شير محمد عرف شيرو کي بري ڪري ڇڏيو.
عذير بلوچ جي وڪيل عابد زمان عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته جوابدارن جي خلاف ڪي به پڪيون شاهديون پيش ناهن ڪيون ويون. پراسيڪيوٽر ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن کان پوءِ عدالت شاهديون نه هجڻ جي آڌار تي گينگ وار جي سربراهه عزير جان بلوچ ۽ شير محمد عرف شيرو کي بري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته هن ڪيس ۾ پوليس طرفان موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جوابدارن ٻن اهلڪارن اعجاز ۽ ناصر کي اغوا کان پوءِ قتل ڪيو هو ۽ جوابدارن مقتولن جا چچريل لاش ميوه شاه قبرستان ۾ اڇلي ڇڏيا هئا. هن ڪيس ۾ ٻنهي جوابدارن جي خلاف پاڪ ڪالوني ٿاڻي ۾ ٻٽي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. پر هاڻ شاهديون نه پيش ڪرڻ تي عدالت ٻنهي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته گذريل سال مارچ ۾ عزير جان بلوچ کي پوليس اسٽيشن مٿان حملي واري ڪيس ۾ به بري ڪيو ويو هو.

January 4, 2022 at 3:03 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 586
  • 3,524
  • 16,312
  • 16,312

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open