سنڌي قوم جا دنيا تي احسان

آزادابوبڪرڇٽو

سنڌي قوم ھڪ اھڙي قوم آهي جنهن ڪي اڻ لء شيون ظاهر ڪيون جن جو پرواڳ ڪنهن به قوم کي ڪون ھو، آھي انھن ڪارائتين شين کان اڻ واقف ھئا انھن اھم ۽قيمتي شين جو بڻ بڻياد سنڌ ۾سنڌي قوم وڌوان کان پوءِ ٻين ملڪن آھي ايجاد ڪيل شيون ڪم آنديون،
ڦيٿو دنيا ۾سڀ کان پهرين سنڌي قوم ايجاد ڪيو، اڳي سواري لاريون ڪون ھيون ماڻهن کي جيڪڏهن ڪٿي اچڻو وڃڻو پوندو ھو ته پيادل ويندا ھئا مال متاع ٽپڙٽاڙي پھچائڻا ھوندا ھئڻ ته مٿي تي يا جانورن جي پٺيءَ تي کڻي ويندا هئا اڄ کان ھارين سال اڳ دنيا جي اھا حالت ھئي ھي سڄو ڪمال ڦيٿي جو آهي جنهن کي توهان ھر وقت ڊوڙندي ڏسو ٿا مھينن جو ڪم ڪلاڪن ۾ ٿي ھي سنڌي قوم جي ھنرمندي آهي جنهن پنهنجي ڪاريگري سان ڪاٺ مان ٻه گول ڦيٿا ٺاهيا انهن جي وچ ۾. هڪ مضبوط لٺ وڌي جنهن کي سرائي چيو وڃي ٿو ان مٿان ٻار رکي ڇڪيو ويندو هو اھڙي طرح ڍڳي گاڏي جو وجود به سنڌين آندو اڄڪلهه لوھي ڦيٿي واري ريل۽ ٻين گاڏين جاڦيٿا به ان دور جي شروعات آهن
دنيا ۾سڀ کان پهرين ڪڻڪ سنڌي قوم پوکي قديم سنڌي ۾ ڪڻڪ کي، ڪيڪه، چيو ويو آهي ڪڻڪ جي ٻج کي پھرين سنڌي قوم سڃاڻي ورتو ۽سنڌين کي اھو الھامي به ٿيو ته ٻج ڇٽڻ ڪري پوک ٿي سگهي ٿي پوکي جي حوالي سان ھر ڪاھڻ لاءِ ڍڳي اسعتمال ۽ماپ ٽوڙ جو نظام به سنڌين جاري ڪيو دنيا تي اھو وڏو وڙ سنڌي قوم جو آهي،
دنيا ۾سڀ کان پهرين ڪپھ سنڌ ۾اپائي وئي اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌ ۾ وونڻن جي پوک ٿيندي هئي انهي قديم زماني ۾سنڌين وٽ ڪپڙي آڻڻ لاءِ آڏاڻا به ھئا مطلب ته ڪتڻ ۽ڪپڙا اڻڻ جو رواج سنڌ ۾پيو مئن جي دڙي مان ڪيترائي ائٽ، ٽڪ لڌا ويا آهن انهن مان اھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته امير توڙي غريب جي گهر ۾چرخي چورڻ جو رواج ھو، لفظ ڪپڙو به،، ،ڪپھ، ڙو،مان نڪتل ٿو اچي، اڄ سڄي دنيا جا ماڻهو ڪپھ مان ٺهيل بهترين ڪپڙوپائي رهيا آهن اهو مٿن سنڌي قوم جو احسان آهي،
دنيا ۾سڀ کان پهرين مس، سنڌ جي رھواسين جي ايجاد آهي لکڻ پڙهڻ جو ھنر۽طريقو سڀ کان آڳاٽو سنڌين وٽ موجود هو سنڌين جي هن انمول ايجاد مان اڄ سڄي دنيا لاء حاصل ڪري رهي آهي،
دنيا ۾سڀ کان پهرين جهاز راڻي جو بنياد سنڌ ۾ پيو جڏهن ته تاريخ اسلام جا ڪتاب لکڻ ٿا ته جهاز راڻي جي شروعات حضرت عثمان غني رضه ۽امير معاوضه جي دور ۾ ٿي پر سنڌ جي قديم تاريخ ۾ قبل مسيح جي ڳالھ آھي ته سنڌ جي قديم آريا قوم کارو کيڙائو قوم هئي وڏا واپاري هئا يورپي محققن کوجنائون ڪري پڌرو ڪيو آهي ته قديم سنڌ جا ماڻهو جهڙا جهاز راڻي ۾ڀڙ هئا تهڙا ئي جهازن جو ڙڻ ۾ قابل هئا اهي جهانن ۾ مال کڻي سمنڊ جھاڳي واپار ڪري ڌن ڪمائيندا هئا مطلب ته جهاز راڻي جي حوالي سان دنيا کي سنڌي قوم جو احسان مڃڻو پوندو
دنيا ۾سڀ کان پهرين قرآن شريف جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ٿيو هن کان اڳ قرآن حڪيم جو تفسير عربي زبان ۾ ته موجود هو ليڪن قرآن شريف جي پهرين ترجمي جو شرف سنڌي ٻوليءَ کي حاصل آهي هي ترجمو سنڌ جي شهر اروڙ جي راجا مهروڪ بن فائق ڪرايو ھو، هي ترجمو سنڌي عالم 883ع کان، 886ع تائين ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو مترجم کي بادشاهه طرفان ساڍا ٻاويهه مڻ سون مليو، سنڌي عالم قرآن شريف جو ترجمو ڪري سڄي دنيا لاءِ راھ هموار ڪئي
دنيا ۾سڀ کان پهرين ڇاپا مار فوج جو بنياد سنڌ ۾پيو چندر موڙيا جڏهن سڪندر اعظم کان اتر هندستان ۾ شڪست کائي سنڌ ۾ پناهه ورتي ته ان هتي سنڌي نوجوانن تي ٻڌل ڇا پامارفون قائم تيار ڪئي جيڪا دنيا جي پهرين ڇاپا مار فوج هئي ان فوج يوناني گورنر ٻائي هاڻ کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو،
حواله
قدم سنڌ، ڀيرو مل آڏواڻي
قرآن پاڪ جا سنڌي ترجما۽ تفسير، عبدالرزاق گهانگهرو
تاريخ اسلام، اسماعيل ٻن واصف
رجال السنڌوالهند، قاضي اظهر،، مترجم عبدالستار ڪوريجو
سنِڌسڄي سرهاڻ، خادم حسين چانڊيو

December 1, 2021 at 6:11 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open