سنڌ ۾ آيل ٻہ نبي سڳورا

آزادابوبڪرڇٽو

سنڌ اها ڌرتي آهي جيڪا پنهنجي تهذيب، تمدن، علم ادب جي حوالي سان ممتاز حيثيت رکي ٿي، هي اها متبرڪ ڌرتي آهي جنهن کي رب پاڪ دنيا جي پهرين عظيم انسان حضرت آدم عليه السلام جي سڪونت لاءِ پسند ڪيو، جتي هو رهيو ٻني پوکيائين جنهن جو نالو ۽ وجود اڃا باقي آهي، ٻيو نبي سڳورو سنڌ جي شهر مئن جي دڙي جي ماڻهن ڏي موڪليو،
حضرت آدم علیہ السلام کي سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري حصي ڪڇ ۾ ڇڏيو ويو هو، سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب، عرب اور هندڪي تعلقات، ۾لکيو آهي ته حضرت آدم عليه السلام کي جنت مان ڪڍيو ويو تہ ان کي زمين جي جنت ۾ آندو ويو جيڪا زمين اصل ۾ سنڌ جي زمين آهي،
معموريوسفاڻي پنهنجي مضمون، سنڌ جا تاريخي ۽ جاگرافيائي اشارا ۽ اهڃاڻ، ۾ لکي ٿو ته انسان ذات جي وڏي ڏاڏي حضرت آدم علیہ السلام جا آثارِ جيڪي ٻنيء جي نالي سان مشهور آهن جن کي عام طرح ڏاڏي آدم جي ٻني ڪوٺيو وڃي ٿو، ٻني جا آهي آثار ٻن ماڳن تي آهن، جن مان پهريان رڻ ڪڇ جي ڏاکڻي ڪناري سان هڪ ٻيٽ جي شڪل ۾موجود آهن، ٻيا آثار ڪڇ واري ٻني کان 70ميل پري اتر طرف ٿرپارڪر ضلعي ۾آهن، جي ٽن تعلقن سامارو، ڪوٽ غلام محمد، ۽ڊگهڙي ۾ اچن ٿا،
ڪيترائي وڏا عالم لکڻ ٿا ته برصغير جي جنهن سر زمين تي حضرت آدم عليه السلام لٿو ان ايراضي جو نالو دجناآهي ان لاءِ اسان جيڪر ٻنهي ٻنين جو جائزو وٺون ٿا ته دجنا جي ايراضي ٻنهي طرفن کان ڏسڻ ۾ايندي جيڪا مقامي لهجي ۾ ڏجهڙا، يا ڏاجهڻا جي نالي سان مشهور آهي، ٿر ۾اها ايراضي ڪوٽ غلام محمد ۽ ڊگهڙي ۾ اچي ٿي،(موجوده ڏاجهيروموري)

رب پاڪ پنهنجو ٻيو نبي سنڌ جي شهر مئن جي دڙي جي ماڻهن جي هدايت لاءِ موڪليو،
مئن جي دڙي جي سڃاڻپ ان جا کوهه آهن، هونء به سڄي سنڌ ۾ هر هنڌ کوھ هئا سنڌ جي سرزمين کوهن جي سرزمين رهي آهي پر جنهن نموني ۽ تعداد ۾کوھ مئن جي دڙي ۾ملڻ ٿا اهڙي نموني ۽ايتري تعداد جا کوھ ماضي ۽ قريب ۾ سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ نه رهيا آهن کوه مئن جي دڙي جي امتيازي خصوصيت رهيا آهن، هزارين سال قديم هجڻ جي باوجود به صحيح سلامت آهن، هر گهر ۾ کوھ ملي ٿو انهن کوهن جي ڪري ممڪن آهي ته پرڏيهي ملڪن ۾ سنڌ ٻين شين سان گڏ کوهن جي ڪري به مشهور هجي، ڇو جو ايترن کوهن جو رواج دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به ناهي رهيو، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته دنيا ۾ مئن جي دڙي کي قديم زماني ۾ کوهن وارو شهر به سڏيو ويندو هجي،
قديم آثار ۽ اهڃاڻ ٻڌائڻ ٿا ته عراق، ايران، يمن ۽ ٻين عرب ملڪن سان مئن جي دڙي جي ماڻهن جا تجارتي ۽ثقافتي لاڳاپا رهيا آهن پرڏيهي جڏھن هتي ايندا هوندا ته هتي جي کوهن کان ضرور متاثر ٿيا هوندا ان نسبت جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته دڙي واري شهر يا سنڌين کي کوهن وارا ماڻهو سڏيندا هجن،
قرآن شريف ۾ هڪ قوم کي اصحاب الرس سڏيو ويو آهي ٻن سورتن، سورت الفرقان، سورت ق ۾جتي عاد ثمود فرعون ۽لوط جي قوم جو ذڪر آهي اتي اصحاب الرس قوم جوبه نالو آهي، سورت ق جي آيت 12کان 14جوترجمو
ان کان اڳ ۾ نوح جي قوم، کوهن وارن، ثمود، عاد، فرعون، لوط جي ڀائرن، اصحاب ايڪه، ۽تبع جي قوم انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو مڃيو انهن تي عذاب نازل ٿيو،
سورت الفرقان جي آيت 37کان 38جو ترجمو، اهو ئي حال نوح جي قوم جو ٿيو، جڏھن انھن رسولن کي ڪوڙو ڪيو، اسان انهن کي غرق ڪري ڇڏيو، ۽دنيا جي ماڻهن لاءِ هڪ عبرت جو اهڃاڻ بڻايو، ۽انهن ظالمن لاءِ اسان هڪ دردناڪ عذاب مهيا ڪيو، اهڙي طرح عاد، ثمود، اصحاب الرس، ۽وچ واري عرصي جا ڪيترائي ماڻهو تباھ ڪيا ويا، انهن مان هر هڪ قوم کي اسان مثال ڏئي سمجهايو،۽ آخر ڪار هر هڪ کي غارت ڪري ڇڏيو،رس، جي معني عربي زبان ۾ کوھ/پراڻو کوھ، آھي علامه يوسف علي پنهنجي قرآن شريف جي تفسيري حاشيه ۾ رس جي معني کوھ کانسواءِ مئل ماڻهن جو مدفن، به ڄاڻايو آهي جڏهن ته مئن جي دڙي جي به اها ئي معني آهي ان کان علاوه قرآن شريف جي مڙني مترجمن مفسرن رس جي معني کوھ ڄاڻائي آهي،
قرآن پاڪ جي مترجمن، مفسرن،محققن عاد، ثمود، ۽ٻين قومن جي ويران وستين تي تفصيل سان روشني وڌي آهي پر اصحاب الرس قوم بابت ڪنهن هڪ ڳالھ تي متفق نه آهن، پر هنن قرآني مفسرن کي جيڪي روايتون هن قوم بابت مليون آهن انهن مان ڪجهه روايتن جو جائزو وٺندا سين ته آهي مئن جي دڙي واري قوم سان بلڪل ٺهڪن ٿيون
پهرين روايت، اصحاب الرس مان مراد کوهن وارا ماڻهو، هن ڳالھ کي ته قرآني مفسرن به مڃيو آهي، نمبر 2هن قوم ڏانهن نبي سڳوري کي موڪليو ويو،جنهن جو هنن انڪار ڪيو نه فقط ايترو پر هنن نبي سڳوري کي کوھ ۾وجهي مٿان ڍڪ ڏيئي ڇڏيو، ڀيرو مل آڏواڻي پنهنجي ڪتاب، قديم سنڌ، ۾ لکي ٿو ته اهڙا کوه جن کي آساني سان ڍڪي سگھجي آهي دنيا ۾ صرف مئن جي دڙي ۾ ئي آهن، نمبر 3هي ماڻهو صنوبر جي وڻ جي پوڄا ڪندا هئا، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب، سنڌي ادب ۽ثقافت تي اسلامي اثرات، ۾ لکي ٿو ته پپرجو پڻ صنوبر جي پڻ جهڙو آهي، هلڪو فرق آهي شڪل ۾ هڪ جهڙا آهن، ڪاڪو ڀيرو مل مذڪوره ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مهن جي دڙي جا ماڻهو پپر۽ٻين وڻن جي پوڄا ڪندا هئا، ايتري قدر جو کوه جو منهن به پپر جي پڻ جهڙو ٺاهيائون، نمبر 4هڪ ڪاري رنگ جي ماڻهوءَ انهيءَ نبي سڳوري تي ايمان آندو، هو جهنگ مان ڪاٺـيون ڪري ان جي ملھ مان ماني وٺي کوھ جو ڍڪ لاهي نبي سڳوري کي ماني کارائيندو هو ڀيرو مل سرجان مارشل جي حوالي سان پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾لکي ٿو ته مهن جي دڙي جا اصل اڏيندڙ دراوڙ آهن ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ لکي ٿو ته موهن جي دڙي ۾ جيڪي دراوڙ نسل جا ماڻهو هئا اهي ڪاري رنگ جا ماڻهو هئا،
هنن ڳالهين کي مد نظر رکندي چئي سگهجي ٿو ته اصحاب الرس يعني کوهن وارا ماڻهو جوپيروکڻبو ته مئن جي دڙي ۾ لڳندو،
سنڌ جي شهر مئن جي دڙي جي ماڻھن نبي سڳوري کي نه مڃيوانهن مٿان خدا جو قهر نازل ٿيو اها هڪ جدا ڳالهه آهي پر سنڌ اهو خوشنصيب ملڪ آهي بابرڪت ڌرتي آهي جنهن طرف رب العزت پنهنجا نبي سڳورا موڪليا

حوالہ
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب ۽ثقافت تي اسلامي اثرات
معموريوسفاڻي، لطيف جا ٿرتان ڀيرا،
ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، قديم سنڌ

سيد سليمان ندوي، عرب و هنڌ ڪي تعلقات

November 30, 2021 at 1:34 pm

اڄ جي اخبار

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open