لاکا ويلفيئر ايسوسيئشن جو اجلاس، لاکا يوٿ ونگ قائم ڪئي وئي

حيدرآباد: لاکا ويلفيئر ايسوسيئشن پاڪستان پنهنجي زيلي تنظيم لاکا يوٿ ونگ جو قيام رکندي ڇهن مهينن لاءِ آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي.
لاکا ويلفيئر ايسوسيئشن جو اجلاس تنظيم جي حيدرآباد واري آفيس ۾ ايل ڊبليو اي جي چيئرمين ڊاڪٽر حنيف لاکو جي صدارت هيٺ ٿيو ٿيو، جنهن ۾ ايڊووڪيٽ فراز حڪيم لاکو، جانب لاکو، بهاول لاکو، عنايت لاکو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ لاکا يوٿ ونگ ٺاهڻ جو اعلان ڪندي آگنائيزنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ شاهنواز لاکو کي چيف آرگنائيزر، جاويد لاکو کي ڊپٽي آرگنائيز، ابرار لاکو، اسرار لاکو، غلام فريد لاکو ۽ گل محمد لاکو کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته لاکا ويلفيئر ايسوسيشن پاڪستان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برادري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، مختلف شهرن ۾ رهندڙ لاکا برادري جي ماڻهن سان پيش ايندڙ مسئلن ۾ لاکا ويلفيئر ايسوسيئشن اڳڀري رهي آهي، تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ لاکا يوٿ ونگ جو قيام آندو ويو آهي، اميد آهي ته نوجوان پنهنجي برادري جي ڀلائي لاءِ ميدان ۾ هوندا.

November 25, 2021 at 2:28 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open