سنڌ حڪومت تحت ويم ۽ پيدائش کانپوءِ علاج جي مفت سهولتن ۽ وظيفي واري پروگرام جو افتتاح

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت تحت ماءُ ۽ ٻار کي حمل، ويم ۽ پيدائش کانپوءِ علاج جي مفت سهولتن ۽ وظيفي پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پروگرام مان تقريبن 10 لک عورتون فائدو کڻنديون، قائد عوام کان وٺي هن وقت تائين پ پ جو منشور غريب عوام جي خدمت ڪرڻ آهي.
هن چيو پ پ جي تاريخ رهي آهي ته اسان هر دور ۾ انقلابي قدم کنيا آهن، قائد عوام لينڊ ريفارمز ڪري هارين کي زمين جو مالڪ بڻايو، جيڪو اڄ تائين ڪنهن حڪومت نه ڪيو، سنڌ حڪومت جي غربت جي خاتمي جي انقلابي پروگرام مان 13 لک کان وڌيڪ خاندان فائدو کڻندا.
سندس چوڻ هو ته اسان سنڌ ۾ انقلاب آڻي رهيا آهيون، ملڪ جي غريب عوام جي مدد ڪرڻي آهي، پ پ حڪومت غريبن سان گڏ هوندي، اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آڻي انقلاب آندو، اڄ ان جو نالو تبديل ڪيو ويو پر اهي پروگرام ختم نه ڪري سگهيا.

November 25, 2021 at 2:26 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 16
  • 796
  • 3,370
  • 9,525
  • 9,525

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open