سنڌ کانپوءِ پنجاب جو به آفيسرن کي وفاق ڏانهن موڪلڻ تي انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور: پوليس ۽ انتظامي آفيسرن جي بدلين تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، سنڌ کانپوءِ پنجاب به آفيسرن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
وفاقي حڪومت روٽيشن پاليسي تحت بدلي باوجود ڊيوٽي تي حاضر نه ٿيندڙ پنجاب جي آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.
ٻئي طرف چيف سيڪريٽري پنجاب وفاق کان آفيسرن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري بدلي ڪيل آفيسرن جي مقرري تائين ڪم جاري رکڻ لاءِ موجوده ٽيم کي خط لکي ڇڏيو.
چيف سيڪريٽري پنجاب جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت پوليس ۽ انتظامي آفيسرن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.
واضح رهي ته هلندڙ مهيني اعليٰ عهدن تي ويٺل سول آفيسرن جي بدلي جا آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، جن ۾ ناڻي واري سيڪريٽري افتخار احمد ساهو، سيڪريٽري ايم پي ڊي ڊي علي طاهر، ڪمشنر ڊي جي خان ساره اسلم ۽ ڪمشنر سرگوڌا فرخ مسعود شامل آهن.

November 25, 2021 at 2:23 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 16
  • 796
  • 3,370
  • 9,525
  • 9,525

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open