شاگردياڻي نوشين واقعو: لاش ملڻ واري واقعي تي شڪ آهي، جاچ ڪئي وڃي: پيءُ ھدايت الله شاهه

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي دادو واسڻ نوشين ڪاظمي گرلس هاسٽل ٽو ۾ مبينه ڦاهو ڏنل لاش ملڻ واري واقعي تي رد عمل ظاهر ڪندي سندس والد هدايت الله شاهه چيو آهي ته نياڻي خوش هئي، آپگهات نٿي ڪري سگهي، اسان کي پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار آهي، حقيقتون پوءِ ئي سامهون اچي سگهن ٿيون.
ناري جي ڪمري مان مبينا طور هڪ خط به هٿ آيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته آئون بنا ڪنهن دٻاءَ جي پنهنجي مرضي سان آپگهات ڪري رهي آهيان.
هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر علي سومرو جو چوڻ آهي ته خط جي فرانزڪ ٽيسٽ ٿيندي، جنهن سان خبر پوندي ته اهو خط شاگردياڻي جو آهي يا نه، جڏهن ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ته اهو آپگهات آهي يا ٻيو ڪجهه.

واضح رهي ته ٻه سال اڳ به ڊينٽل ڪاليج جي گرلز هاسٽل مان به شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جو لاش هٿ آيو هو.

November 25, 2021 at 2:22 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open