”عدالتن جو احترام آهي پر گهر جي شاهدين سان عدليا تي سوال اٿيا آهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان کي عدالتن جو احترام آهي پر دل ڏُکي آهي، گهر جي شاهدين کانپوءِ سوال اٿي پيا، کين پنهنجي ڪردار سان اهو مقام ٻيهر حاصل ڪرڻو پوندو.

پي ڊي ايم سربراهي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته شرڪت ڪندڙن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانون سازي جي عمل کي رد ڪري ڇڏيو، قانون ڪنهن هڪ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، اتان قبول يا رد ٿيندو آهي، ٻئي ايوان ۾ به قانون رد ٿي وڃي ته گڏيل اجلاس سڏايو ويندو آهي، گڏيل اجلاس ۾ اهڙا قانون پاس ڪيا ويا، جيڪي هڪ ايوان ۾ به پيش نه ڪيا ويا.

هن چيو ته قانونن ذريعي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي حملو ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي اڪلائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اها قانون سازي آئين سان ٽڪراءُ آهي ۽ قوم جو مطالبو آزاد ۽ خود مختيار اليڪشن ڪميشن آهي.

سندس چوڻ هو ته سمنڊ پار پاڪستاني جعلي حڪومت جي دوکي ۾ نه ايندا، انهن کي پارليامينٽ ۾ نمائندگي ڏيڻ لاءِ آئيني طور ڪم ڪنداسين، دنيا ووٽنگ مشين کي رد ڪري رهي آهي ۽ توهان ان ذريعي ووٽنگ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، پري پول ڌانڌلي کي رد ڪيون ٿا.

اڳوڻي چيف جسٽس جي مبينا آڊيو ٽيپ جي معاملي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته ماضي جي چونڊيل وزيراعظم خلاف سازشون ظاهر ٿيون، اها ڪنهن فرد نه ملڪ خلاف سازش آهي، راڻا شميم جو حلفي بيان ۽ اڳوڻي چيف جسٽس جي آڊيو آئي آهي، اسان عدالتن جو احترام ڪيون ٿا ۽ ججن کي اکين تي ويهاريون پر گهر جي شاهدين سان عدالت تي، ان جي آزادي ۽ خود مختياري تي سوال اٿيا آهن، اسان ڏکيل دل سان سمجهون ٿا ته کين اهو مقام پنهنجي ڪردار سان ٻيهر حاصل ڪرڻو پوندو، اهو اعتماد کين پنهنجي ڪردار جي بنياد تي بحال ڪرڻو پوندو.

پي ڊي ايم سربراهه وڌيڪ چيو ته سربراهي اجلاس 6 ڊسمبر تي ٻيهر ٿيندو، جنهن ۾ سڀ جماعتون تجويزون پيش ڪنديون، اثرائتا قدم کڻنداسين، اجلاس کانپوءِ حتمي پاليسي ۽ اهم اعلان ڪيا ويندا، هن حڪومت ۾ مهانگائي ختم نه ٿيندي ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ حڪومت جو خاتمو ضروري آهي.

November 24, 2021 at 2:16 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open