سنڌ ۾ مهانگائي جا الزام رد، بحرانن پويان وفاقي حڪومت جي نالائقي آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي مان سمجهندو هيس ته فواد چوڌري کي آئين ۽ قانون جي ڪجهه خبر آهي پر پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ کانپوءِ هن کي نه آئين جي خبر آهي ۽ نه قانون بابت ڄاڻ آهي.

فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي سعيد غني چيو ته سڄي ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان آيل آهي، اٽي، کنڊ ۽ گئس بحران پويان وفاقي حڪومت جي نالائقي آهي.

هن چيو ته اسان 12 لک ٽن ڪڻڪ سنڌ جي ضرورت موجب پروڪيور ڪئي هئي، مون کي ٻڌايو ته 66 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ کانپوءِ ڪنهن کان پڇون؟

سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿيندي آهي، نئون فصل اچڻ جي هڪ مهيني اندر پنجاب ۾ ڪڻڪ گم ٿي وئي، ان تي وزير چون ته 66 لک ٽن ڪڻڪ خبر ناهي ڪاڏي وئي ته ڇا سنڌ ذميوار آهي؟

سعيد غني چيو ته پيٽرول جي قيمت 145 رپيا، ڊالر 175 رپين جو هجي ته مهانگائي کي ڪير ٿو ڪنٽرول ڪري سگهي، اسان ته وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون، کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ آئي هئي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪيو.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو هو ته بدقسمتي سان ڪراچي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌيڪ آهن، ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق رڳو پاليسي ڏئي سگهي ٿو، عمل صوبائي حڪومتن کي ڪرڻو آهي.

November 24, 2021 at 2:13 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 16
  • 796
  • 3,370
  • 9,525
  • 9,525

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open