سموري شهر جي مشينري وٺي وڃو، نسلا ٽاور کي ڪيرائي، اڄ ٻنپهرن جو رپورٽ پيش ڪريو: چيف جسٽس

ڪراچي: (اربع 24 نومبر 2021ع) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سموري شهر جي مشينري ۽ اسٽاف وٺي وڃو ۽ نسلا ٽاور کي ڪيرايو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نسلا ٽاور ڪيرائڻ بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪمشنر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته اسان نسلا ٽاور تي آپريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيتريون عمارتون ڪريون، ڪيترو ڪم ٿيو، اسان کي ان جو ٻڌايو، ڪوڙ نه ڳالهايو. ڪمشنر ڪراچي چيف جسٽس پاڪستان کان درخواست ڪندي چيو ته سَر منهنجي ڳالهه ٻڌو، جنهن تي جسٽس قاضي امين چيو ته ڇا اوهان پنهنجي گهر ۾ بيٺل آهيو، اهو طريقو آهي عدالت سان ڳالهائڻ جو.
جسٽس قاضي امين ڪمشنر ڪراچي کي چيو ته وڌيڪ سياڻا بنجڻ جي ڪوشش نه ڪريو. جنهن تي ڪمشنر ڪراچي چيو ته سَر مان عمارت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪوشش کي ڇڏيو هتان کان سڌو جيل وڃو. ڪمشنر ڪراچي چيف جسٽس کي چيو ته مان اوهان کي ڪجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان سمجهي رهيا آهيون، پر اوهان نه پيا سمجهو، صرف ٽائيم پاس ڪري رهيا آهيو.


چيف جسٽس گلزار احمد ڪمشنر ڪراچي بابت پڇاڻو ڪيو ته هي ڪهڙي گريڊ جو آفيسر آهي جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته ڪمشنر ڪراچي 21 گريڊ جو آفيسر آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته ڇا گريڊ 21 جي آفيسر جو ڪورٽ ۾ ڳالهائڻ جو اهو طريقو هوندو آهي؟ وڃو ۽ سموري شهر جي مشينري ۽ اسٽاف وٺي نسلا ٽاور کي ڪيرايو.
چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اڃان تائين تجوري هائٽس کي به ناهي ڪيرايو ويو جنهن تي ڪمشنر ڪراچي ٻڌايو ته تجوري هائٽس کي ڪيرائڻ جو ڪم جاري آهي. سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن آپريشن هلي رهيو آهي ته ان جون تصويرن سان ٻنپهرن جو رپورٽ پيش ڪريو.

November 24, 2021 at 2:10 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 16
  • 796
  • 3,370
  • 9,525
  • 9,525

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open