منظور وساڻ نوان خواب ڏسي ڇڏيا

ڪراچي: خواب ڏسڻ ۽ انهن جي تعبير جي حوالي سان مشهور پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ٿي ٿو سگهي 5 سال پورا ٿين پر چهرو تبديل ٿي وڃي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ڊسمبر ۾ خطرا هوندا آهن، کچڙي پچي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ۾ 3 کان 6 مهينا لڳي سگهن ٿا.
هن چيو ته حالتون خراب آهن، اڳتي اڃا خراب ٿينديون، ٻاهران ڪير اچي سگهي ٿو، جنهن جو ڪم چونڊون ڪرائي اقتدار منتقل ڪرڻ هوندو.

سندس چوڻ هو ته 3 مهينا ڏاڍا اهم آهن، نواز شريف واپس اچي سگهي ٿو، ڪيتريون ئي آڊيوز اينديون، ويڊيوز به اينديون، ڪجهه ماڻهن کي خبر ناهي هوندي ته ملڪ کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃي رهيا آهن.

November 24, 2021 at 2:08 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 16
  • 796
  • 3,370
  • 9,525
  • 9,525

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open