نجف ۽ ڪربلا سميت مختلف هنڌن تي پنج نوان قونصل خانا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان مختلف ملڪن ۾ 5 نوان قونصل خانا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي کاتي جي ذريعن موجب نوان قونصليٽ جرمني، اٽلي، آمريڪا ۽ عراق ۾ کوليا ويندا، اها مشنز ميونخ، نيپلز، اٽلانٽا، نجف ۽ ڪربلا ۾ کوليا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نوان قونصل خانا کولڻ جو فيصلو سمنڊ پار پاڪستانين جي مطالبي تي ڪيو ويو، عراق ۾ نوان قونصليٽ پاڪستاني زائرين جي سهولت لاءِ ڪم ڪندا، اٽلانٽا ۾ نئون قونصل خانو عالمي ميڊيا هينڊلنگ ۽ پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ لاءِ ڪم ڪندو.
ذريعن موجب پرڏيهي وزارت انهن مشنز تي وڌيڪ انتظامي ۽ ٻين معاملن تي ڪم مڪمل ڪندي.

November 24, 2021 at 2:04 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open