ڊيبيو کان پوءِ شاهنواز ڏاهاڻي جي پهرين پوسٽ وائرل

ڍاڪا: (اڱارو 23 نومبر 2021ع) گذريل ڏينهن بنگلاديش جي خلاف سيريز جي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڊيبيو ڪندڙ پاڪستاني بالر شاهنواز ڏاهاڻي ميچ کان پوءِ پاڪستان جي لاءِ کيڏڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.
ٽوئٽر تي شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پهرين وڪيٽ تي خوشي جو اظهار ڪندي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ميچ ڊيبيو کان پوءِ رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪيو. ڏاهاڻي طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ هن ڊيبيو وڪيٽ کي بهترين قرار ڏنو ۽ ميچ دوران بنگلاديش جي مداحن طرفان سٺي موٽ ملڻ تي انهن جو ٿورو به ادا ڪيو.
ٻئي طرف شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پوسٽ ۾ پاڪستاني مداحن طرفان ملندڙ پيار ۽ تعاون جو به ٿورو ادا ڪيو.

November 23, 2021 at 2:34 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 16
  • 796
  • 3,370
  • 9,525
  • 9,525

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open