ملڪ ۾ گئس بحران وڌي ويو، مهانگائي جي ماريل عوام نئين پريشاني ۾ مبتلا

اسلام آباد: (اڱارو 23 نومبر 2021ع) ملڪ ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي جنهن سبب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گئس غائب آهي.
رپورٽ موجب ٿڌ ۾ واڌ سان گڏ ئي گئس جي کوٽ واري مسئلي عوام کي نئين پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. صبح جي شروعات کان ڏينهن جي آخر تائين ڪٿي گئس پريشر نه هجڻ جي برابر آهي ته ڪٿي وري گئس جو نالو نشان ئي ناهي جنهن سبب ٻارڙا توڙي وڏا ناشتي کان سواءِ گهرن مان نڪرڻ تي مجبور آهن.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ شهرين کي پٽون پاراتا ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان شهرين چيو آهي ته مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي جو هاڻ هوٽلن تان ماني گهرائي کائڻ جي به طاقت ناهي. حڪومت صرف ٺلها آسرا ۽ دلاسا ڏئي رهي آهي.

November 23, 2021 at 2:33 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open