ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ آفيس ويجهو احتجاج دوران فائرنگ، ٻه نوجوان زخمي

ڪراچي: (اڱارو 23نومبر 2021ع) لياري جي مختلف علائقن ۾ بجلي نه هجڻ تي مڇريل ماڻهن موسيٰ لين وٽ ڪي اليڪٽرڪ آفيس جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري دوران نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 نوجوان زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ سول اسپتال اماڻيو ويو جتي انهن جي سڃاڻپ 13 سالا محمد فاروق ۽ 19 سالا مرزا جي نالي سان ڪئي وئي آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ بيزار ڪيو آهي. بجلي نه هجڻ جي باوجود ڪيترن ئي هزارن جا بل به اماڻيا پيا وڃن جيڪا سراسر ناانصافي آهي. علائقي مان ملندڙ رپورٽن موجب احتجاج جي اطلاع تي بغدادي پوليس جي نفري به موقعي تي پهچي وئي جنهن مظاهرين کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چيو پر مظاهرين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ان دوران نامعلوم ماڻهن طرفان فائرنگ ڪئي وئي ۽ واقعي کان پوءِ علائقي واسين ۾ سخت ڪاوڙ ڦهلجي وئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر سيد عبدالرشيد به مظاهرين سان گڏ موجود هو. ان چيو ته جيڪڏهن فوري طور تي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ماڙي پور روڊ سميت لاڳاپيل روڊن تي به احتجاج ڪري ٽريفڪ معطل ڪئي ويندي.
هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪهڙي قانون جي تحت فيڊر بند ڪري رهيو آهي. بجلي عوام جو بنيادي حق آهي، بجلي جي چوري روڪڻ ۽ ريڪوري ڪرڻ صارفين جو نه ڪي اليڪٽرڪ جو ڪم آهي. ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي ناڪامي جو بار عوام مٿان وجهي رهيو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

November 23, 2021 at 2:31 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open