مبارڪپور: ميرپور ٻرڙو ويجهو سارين جي ديري کي باهه، ڳوٺاڻي جو لکين روپين جو نقصان

مبارڪپور (رپورٽ: قربان مهر) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ همزاه ٻرڙو ۾ ڳوٺاڻي جتوئي ٻرڙو جي 30 ايڪڙن جي سارين جي پيل ول جي ديري کي باهه لڳي، جيڪو ديروسڙي رک ٿي ويو، جنهن تي ڳوٺاڻي جو لکين نقصان ٿيو آهي.
جڏهن ته ڳوٺاڻي جتوئي ٻرڙو موجب اسان جي ديري کي باهه لڳي جنهن جو اطلاع ٺل جي فائر برگيڊ عملي کي ڏنو پر فائر برگيڊ گاڏي دير سان اچڻ تي اسان جو سمورو ديرو سڙي رک ٿي ويو، جنهن تي اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي.
جڏهن ته ديري مالڪ محمد قاسم ٻرڙو، جتوئي ٻرڙو ۽ ٻين جو احتجاج ڪندي پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن مٿان الزام هڻندي چيو ته اسان جي برادري جي ماڻهن علي محمد ٻرڙو ۽ ٻين اسان جي ديري کي ڏني آهي. هنن چيو ته اسان جوابدارن ڌر جي ماڻهن کي پلال نه ڏين تي هنن ديري کي باهه ڏني آهي.
مثاثرن انتظاميا کان اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڌر جي علي محمد ٻرڙو صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته اسان مٿان لڳيل الزام غلط آهي، اسان ڪنهن به ديري کان باهه ناهي ڏني. هنن به انتظاميا کي اپيل ڪئي ته ان واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.

November 20, 2021 at 3:40 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open