نوشھروفيروز: وارثن جو واپارين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

نوشھري فيروز ۾ وارثن پاران واپاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

درٻيلو ڀرسان هٿياربندن هٿان قتل ٿيل انبن جي واپاري منور علي سهاڳ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي پيءُ الهڏتو سهاڳ، ڀائرن اصغر ۽ عبدالغفار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته ڏنهن ڏٺي جو اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربند منورعلي سهاڳ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگھي ۽ نه ئي جيو فڪسيشن رپورٽ ڏني وئي آهي.

هنن چيو ته پوليس امن امان بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو قتل ٿين پيا پر پوليس گھري ننڊ ستل آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٺاروشاهه پوليس جي نااهلي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو  وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

November 20, 2021 at 3:30 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 16
  • 796
  • 3,370
  • 9,525
  • 9,525

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open