ميرپور ماٿيلو: ڊي گھوٽڪي پاران ڀاڻ جي کوٽ تي ڪارخانن کان رڪارڊ طلب، ڪارروائي جي هدايت

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي پاران ضلعي ۾ ڀاڻ جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڀاڻ ڪارخانن کان رڪارڊ طلب ڪندي ذخيرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد  عثمان جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ڀاڻ جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو.جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ، زراعت کاتي جي عملدارن سميت ايف ايف سي ۽ اينگرو جي نمائندن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته ضلعي ۾ 2 ڀاڻ ڪارخانا هجڻ باوجود ڀاڻ جي کوٽ يا بليڪ مارڪيٽنگ افسوسناڪ صورتحال آهي.ڀاڻ جي کوٽ سبب آبادگار ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن ايف ايف سي ۽ اينگرو جي نمائندن کي هدايت ڪندي چيو ته ضلعي ۾ موجود سمورن ڊيلرن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، تفصيل ملڻ بعد سموري صورتحال واضع ٿي ويندي جنهن کان پوءِ بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملوث ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪبي.

November 20, 2021 at 3:27 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open