ڀارت پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

جئي پور (ويب ڊيسڪ) ڀارت پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

جئي پور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽڻ کانپوءِ اڳ ۾ نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڪيويز مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ طرفان مارٽن گپٽل 70 ۽ مارڪ چيپمين 63 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڀارت جي ڀونيشور ۽ ايشون 2-2، جڏهن ته ديپڪ چاهر ۽ محمد سراج هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ ڀارت دلچسپ مقابلي کانپوءِ 2 بال اڳ ۾ هدف پورو ڪري ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.

سوريا ڪمار ياديو 62، ڪپتان روهت شرما 48 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

November 18, 2021 at 2:41 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open