پاڪستان بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڍاڪا: (خميس 18 نومبر 2021ع) پاڪستان بنگلاديش جي خلاف پهرين ٽي 20 ميچ لاءِ 12 رانديگرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
قومي ٽيم جي اعلان ڪيل 12 رانديگرن ۾ بابر اعظم ڪپتان، شاداب خان نائب ڪپتان، خوشدل شاهه، فخرزمان، حيدر علي، حارث رئوف شامل آهن. حسن علي، محمد نواز محمد رضوان وڪيٽ ڪيپر، محمد وسيم جونيئر، شاهين شاهه آفريدي ۽ شعيب ملڪ به اسڪواڊ جو حصو آهن.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز جو پهريون ميچ 19 نومبر تي جمعي جي ڏينهن بنگلاديش ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
ميچ مقامي وقت موجب ٻنپهرن جو 2 وڳي شروع ٿيندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جو ٻيون ٽي ٽوئنٽي 20 نومبر جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي 22 نومبر تي کيڏيو ويندو.

November 18, 2021 at 2:30 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 16
  • 796
  • 3,370
  • 9,525
  • 9,525

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open