”دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان عظيم ميزبان آهيون“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان وڏي ايونٽ جي ميزباني پاڪستان کي ڏيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ رميز راجا چيو ته فيبروري 2025 ۾ پاڪستان ۾ کيڏي ويندڙ چيمپيئنز ٽرافي جو ميزبان پاڪستان ان ايونٽ ۾ پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع به ڪندو.

هن ٻڌايو ته ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمن وچ ۾ ڪُل 15 ميچون کيڏيون وينديون، اهي ميچون ٽن مختلف هنڌن تي کيڏيون وينديون، ڪاميابي سان ايونٽ ڪرائي دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان ڪرڪيٽ سان ڪيڏو پيار ڪيون ٿا، اسان ڪيڏا عظيم ميزبان آهيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ٿينديون پر ان حوالي سان حتمي فيصلو موسم جي صورتحال ڏسي ڪيو ويندو.

رميز راجا وڌيڪ چيو ته اهو ايونٽ پاڪستانين لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي، هاڻ اسان کي آءِ سي سي جي اميدن ۽ مقرر معيار موجب هڪ ڪامياب ايونٽ ڪرائڻ جي رٿابندي ڪرڻي آهي.

November 17, 2021 at 2:17 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open