موبائل جي بهتر ڪارڪردگي لاءِ سولا ۽ خاص اصول

موبائل اڄڪلهه هر ڪنهن جي ضرورت آهي ۽ ان جو استعمال به هر حوالي سان مددگار ثابت ٿيندو آهي.

موبائل جي استعمال بابت ڳالهه ڪجي ته عورتون اڄڪلهه رنڌڻي ۾ به موبائل استعمال ڪنديون آهن، جيڪي پنهنجي رڌ پچاءَ جو به ڪم ڪنديون رهنديون آهن ۽ پنهنجا پسند جا ڊراما ۽ پروگرام به ڏسنديون رهنديون آهن.

خاص ڪري اهو ان وقت ٿيندو آهي جڏهن اهي ڪا ريسيپي ڏسنديون آهن يا ٺاهينديون آهن ته موبائل ۾ وڊيو هلائي پنهنجي ڀر ۾ رکي رنڌڻي ۾ ئي موجود هونديون آهن يا وري ڪڏهن ڪڏهن ڪال تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي رنڌڻي ۾ هليون وينديون آهن اتي پنهنجو ڪم ڪار جاري رکنديون آهن.

ڇا توهان کي خبر آهي ته رنڌڻي ۾ موبائل هلائڻ سان به ڪو نقصان ٿيندو آهي؟ جيڪڏهن نه، ته اسان توهان کي ٻڌايون ٿا ته جي ها، اهو توهان جي موبائل لاءِ گهڻو نقصانڪار هوندو آهي ڇو ته رنڌڻي جو گرمي پَد گهر يا ڪمري جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو هوندو آهي جيڪو توهان جي موبائل لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

ماهرن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته گهڻي گرمي پد ۾ موبائل استعمال ڪرڻ يا رڳو موبائل رکڻ موبائل جي ڪارڪردگي کي سست ۽ ڊيميج ڪري سگهي ٿو.

ان سان گڏ تيز اي سي هلائي ۽ جيڪڏهن موبائل کي ان ماحول ۾ رکي ڇڏي ڏنو وڃي ته ان فون جي ڪارڪردگي تمام سست ٿي ويندي.

ان سان گڏ اسان هتي ٻڌائيندا هلون ته فون جي رفتار کي بهتر ۽ برقرار رکڻ جي لاءِ توهان کي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پنهنجي موبائل فون کي پاور آف ڪرڻ گهرجي جنهن جا به اثر ۽ نتيجا سُٺا نڪرندا آهن.

جيڪڏهن توهان ڪنهن به ايپ جي پراڻي ورجن مان مطمين آهيو ۽ اهو توهان کي مناسب لڳي رهيو آهي ته لازمي ناهي توهان ان جو نئون ورجن اپ ڊيٽ ڪيو، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته توهان جي موبائل ۾ جڳهه ٿوري هجي ۽ نئون ورجن انسٽال ڪرڻ سان گهڻي جڳهه والارجي وڃي ۽ توهان جي موبائل جي رفتار گهٽجي وڃي، انڪري ڪجهه به اپ ڊيٽ ان وقت ڪيو جنهن وقت توهان کي ضرورت محسوس ٿئي.

November 2, 2021 at 3:34 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 17
  • 797
  • 3,371
  • 9,526
  • 9,526

MK Foundation School Hyderabad New Admissions are open