ڪراچي: دهشتگردي واري ڪيس ۾ محسن داوڙ ۽ منظور پشتين اشتهاري قرار

Advertisements
Loading...

ڪراچي: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) دهشتگردي جي خاتمي واري خصوصي عدالت قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وازير ۽ ٻين خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير بابت ڪيس ۾ محسن داوڙ سميت 4 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري خصوصي عدالت ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير ۽ ٻين جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت محسن داوڙ سميت چئن جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. مفرور قرار ڏنل ٻين جوابدارن ۾ محمد شفيع، هدايت الله پشين ۽ ٻيا شامل آهن.
عدالت ۾ مفرور جوابدارن جي منقوله ۽ غير منقوله ملڪيت بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. چئني مفرور جوابدارن جي نالي سان ڪابه ملڪيت نه آهي. رپورٽ مختيارڪار سب ڊويزن ڪراچي، بلديه ٽائون، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ وزيرستان ۽ ڊپٽي ڪمشنر پشاور طرفان پيش ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب جوابدارن خلاف سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير جو ڪيس داخل آهي. ڪيس ۾ علي وزير گرفتار ۽ عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهي.

October 14, 2021 at 5:46 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518