آمريڪي پرڏيهي وزير انجيلا پي ايگلر جي مريم نواز سان ملاقات

Advertisements
Loading...

لاهور: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) آمريڪي پرڏيهي وزير انجيلا پي ايگلر جاتي امراءَ ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سان ملاقات ڪئي آهي. رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انجيلا پي ايگلر رائيونڊ جاتي امراءَ وئي جتي هن مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سان ملاقات ڪئي.
مريم نواز ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران موجوده ملڪ جي سياسي ۽ خطي جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف آمريڪي پرڏيهي وزيز جي اعزاز ۾ مانجهاندو به ڏنو.

October 14, 2021 at 5:38 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 45
  • 705
  • 1,612
  • 4,509
  • 4,509