تحريڪ عدم اعتماد: بلوچستان جو وڏو وزير اڄ وزيراعظم عمران خان سان اهم ملاقات ڪندو

Advertisements
Loading...

اسلام آباد: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال اڄ وزيراعظم عمران خان سان اهم ملاقات ڪندو. وڏو وزير ڄام ڪمال وزيراعظم کي بلوچستان جي سياسي صورتحال بابت آگاهي ڏيندو ۽ ناراض اڳواڻن سان ٿيندڙ رابطن بابت آگاهه ڪندو.
وڏو وزير ڄام ڪمال وزيراعظم عمران خان کي بلوچستان جي سياسي صورتحال بابت اعتماد ۾ وٺندو. وزيراعظم سان گذريل ڏينهن بلوچستان جي گورنر ظهور آغا به ملاقات ڪئي هئي.
ان حوالي سان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته تحريڪ انصاف اتحادي پارٽي آهي اميد آهي ته ساٿ ڏيندي اسان وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏ آهيون ۽ هو صوبي ۾ اسان سان گڏ آهي. ڄام ڪمال چيو ته تحريڪ عدم اعتماد ۾ 14 ميمبرن جون صحيحون آهن پر پريس ڪانفرنس ۾ 6 کان 7 ميمبر هوندا آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير ان حوالي سان چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ميمبرن جون صحيحون ڪجهه ڏينهن اڳ ورتيون ويون هجن. هن چيو ته صادق سنجراڻي مسئلن کي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. واضح رهي ته بلوچستان جي وڏي وزير خلاف اپوزيشن پارٽين طرفان اڳ ئي تحريڪ عدم اعتماد اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

October 14, 2021 at 5:37 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518