افغان اختيارين جو نامناسب رويو: پي آءِ اي ڪابل اپريشن معطل ڪري ڇڏيو

Advertisements
Loading...

اسلام آباد: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) پاڪستان جي قومي ايئرلائين پي آءِ اي طالبان جي غير مناسب رويي سبب افغانستان جي لاءِ فلائٽ آپريشن اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي.
برطانوي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب پي آءِ اي طرفان ڪابل جي لاءِ پنهنجو آپريشن بند ڪرڻ جو اعلان افغان اختيارين طرفان عالمي اڏامن جي لاءِ جاري ڪيل اعلان کان پوءِ سامهون آيو آهي.
افغان سول ايوي ايشن اٿارٽي(اي سي سي اي) طرفان چيو ويو هو ته ايئر لائين ٽڪيٽ جون قيمتون 15 آگسٽ 2021 کان پهرين واري ريٽ تي رکيون وڃن. ٻئي صورت ۾ ان جو آپريشن بند ڪيو ويندو. رپورٽ موجب ايئر لائن جي هڪ ترجمان چيو آهي ته طالبان اختيارين جي نامناسب رويي سبب اڄ کان ڪابل جي لاءِ فلائٽ آپريشن معطل ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان پي آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته ڪابل جي لاءِ فضائي آپريشن اڻڄاڻايل مدي جي لاءِ معطل ڪيو ويو آهي. ڪابل ۾ پرڏيهي فضائي آپريشن لاءِ اڻوڻندڙ حالتون به ساڳئي فيصلي جي ڪري آهن. جڏهن ته پي آءِ اي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته قومي ايئرلائين جا جهاز بنا انشورنس جي ڪابل نه ويندا.
افغان اختيارين طرفان آخري وقت ۾ فيصلن جي تبديلي به فلائٽ آپريشن بند ڪرڻ جو هڪ وڏو سبب آهي.

October 14, 2021 at 5:34 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518