نيب ٽيم جي پندرنهن ڪلاڪن کان پوءِ واپسي، آغا سراج دراني گرفتار نه ٿي سگهيو

Advertisements
Loading...

ڪراچي: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري نه ٿي سگهي نيب ٽيم آغا سراج دراني کي گرفتار ڪرڻ کان سواءِ 15 ڪلاڪن کان پوءِ واپس موٽي وئي.
گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا دراج دراني سميت ٻين جي ضمانت رد ڪئي هئي آغا سراج دراني جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب عدالتي فيصلي کان پوءِ نيب ٽيم سندس گهر پهتي هئي پر نيب اهلڪار گهر اندر داخل نه ٿي سگهيا. نيب ٽيم گذريل ڏينهن شام جو 4 وڳي ڪراچي ۾ آغا سراج دراني جي گرفتاري لاءِ ڊفينس ۾ سندس گهر پهتي هئي پر سراج دراني جا ماڻهو ۽ ذاتي ملازم ڪالهه کان وٺي سخت مزاحمت ڪندا رهيا ۽ نيب ٽيم کي سراج دراني کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهر اندر وڃڻ نه ڏنو.
نيب اهلڪار سڄي رات سراج دراني جي گهر ٻاهران موجود رهيا. جڏهن ته سراج دراني جي ماڻهن صبح جو ناشتو به گهر ٻاهران ڪيو پر نيب جي ٽيم کي گهر اندر وڃڻ نه ڏنو. 15 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ کان پوءِ نيب ٽيم واپس رواني ٿي وئي. آغا سراج دراني سان يڪجهتي لاءِ پ پ ڪارڪن به ان جي رهائشگاهه پهتا ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته آغا سراج مٿان هڪ ارب روپين کان وڌيڪ غيرقانوني آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت 8 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. جڏهن ته آغا سراج دراني جي گهر واري، ٽن ڌيئرن، پٽ ۽ جوابدار گلزار جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي هئي. جوابدارن جي خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي.

October 14, 2021 at 5:31 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 45
  • 705
  • 1,612
  • 4,509
  • 4,509