بي اي پي ترجمان عبدالرحمان کهيتران ڄام ڪمال مٿان هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳائي ڇڏيو

Advertisements
Loading...

اسلام آباد: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) بلوچستان ۾ تحريڪ عدم اعتماد جو معاملو، بي اي پي ترجمان عبدالرحمان کهيتران ڄام ڪمال مٿان هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي.
ان حوالي سان بي اي پي ترجمان عبدالرحمان کهيتران چيو آهي ته ڄام ڪمال مون ڏانهن منهنجي پٽ ذريعي آفر اماڻي. منهنجي پٽ کي من پسند وزارت ۽ ٻيون آفر ڪيون ويون. پاڻي مٿي کان گذري چڪو آهي ڄام ڪمال کي هاڻ هر صورت ۾ وڃڻو پوندو.
ٻئي طرف بلوچستان عوامي پارٽي جا اندروني اختلاف اليڪشن ڪميشن تائين پهچي ويا. وڏي وزير ڄام ڪمال بطور پارٽي صدر جي خط لکي ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي جي جنرل سيڪريٽري کي اهي اختيار ناهن جو هو صدر جي موجودگي ۾ وقتي صدر جي چونڊ ڪري.
هن لکت ۾ پارٽي جي صدارت تان استعيفيٰ ناهي ڏني. هو پارٽي جا معاملا هلائيندو رهيو آهي. جنرل سيڪريٽري جي لکيل خط جي ڪابه حيثيت نه آهي. ياد رهي ته پهرين آڪٽوبر تي وڏي وزير ڄام ڪمال ٽوئٽر تي پارٽي جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.

October 14, 2021 at 5:29 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 51
  • 711
  • 1,618
  • 4,515
  • 4,515