ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جلد ٿيندي، فوج ۽ حڪومت ۾ ڪي به اختلاف نه آهن: فواد چوڌري

Advertisements
Loading...

اسلام آباد: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جلد ٿيندي. جڏهن ته فوج ۽ حڪومت ۾ ڪي به اختلاف نه آهن.
ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته هڪ مخصوص طبقو ان معاملي تي جيڪا راند کيڏڻ چاهي ٿو ان ۾ هو ناڪام ٿي چڪو آهي. هاڻ چيو پيو وڃي ته وزيراعظم نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ انٽرويو ڪندو. فواد چوڌري چيو ته ان عهدن تي مقررين کان اڳ ملاقات هڪ عام روايت آهي. اهڙي عمل کي به تڪراري بنائڻ انتهائي نامناسب آهي.
ٻئي طرف پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته حالتون بهتر آهن هر ماڻهو هر ڪلاڪ کان پوءِ پنهنجي مشهوري لاءِ ڳالهيون ٽوئٽ ڪندو آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو پراسيس شروع ٿي چڪو آهي جيڪو جلد مڪمل ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته فوج ۽ حڪومت ۾ ڪي به اختلاف نه آهن اسان ادارن جو احترام ڪندا آهيون.

October 14, 2021 at 5:27 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518