شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ آصف زرداري جي بريت واري درخواست رد

Advertisements
Loading...

اسلام آباد: (خميس 14 آڪٽوبر 2021ع) احتساب عدالت شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج اصغر علي 8 ارب روپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالتي حڪم تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو. آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌڻي دوران چيو ته ڪيس ۾ قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو ڪوبه الزام ناهي منهنجي موڪل مٿان فرد جرم لاڳو نٿي ٿي سگهي.
نيب ترميمي آرڊيننس کان پوءِ ڪيس ٺهي ئي نٿو. نئين نيب آرڊيننس جي تحت بريت جي درخواست داخل ڪئي آهي. پهريان ان تي فيصلو ڪيو وڃي جيستائين درخواست تي فيصلو نٿو ٿئي. فرد جرم لاڳو نٿي ٿي سگهي. جنهن کان پوءِ عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ڪجهه ئي ڪلاڪن بعد ٻڌايو ويو.
نئين نيب آرڊيننس جي بنياد تي آصف علي زرداري جي بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. احتساب عدالت آصف علي زرداري کي 28 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

October 14, 2021 at 5:24 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518