نوڪيا جو پهريون اينڊرائيڊ ٽيبليٽ متعارف

Advertisements
Loading...

نوڪيا ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پنهنجو پهريون ٽيبليٽ ٽي 20 متعارف ڪرائي ڇڏيو.

حقيقت ۾ اوهان جيڪي اميدون نوڪيا فون مان رکو ٿا اهو سڀ ڪجهه ان ٽيبليٽ ۾ موجود آهي.

202ع ۽ 2021ع دوران سڄي دنيا ۾ ٽيبليٽس جي وڪري ۾ واڌ ٿي آهي ۽ ان کي ڏسندي نوڪيا ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پهريون اينڊرائيڊ ٽيبليٽ متعارف ڪرايو آهي.

نوڪيا فونز جيان ان نئين ٽيبليٽ جي بيٽري لائيف زبردست آهي.

ڪمپني موجب ٽيبليٽ ۾ 8200 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي ۽ لاڳيتو استعمال ڪرڻ تي به 15 ڪلاڪ آرام سان هلي سگھي ٿي.

اهڙيءَ طرح 10 ڪلاڪن تائين لاڳيتو وڊيوز ڏسي سگھجن ٿيون جڏهن ته 7 ڪلاڪن تائين لاڳيتو ڪالز به ڪري سگھن ٿيون ۽ ها بيٽري ۾ 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي.

نوڪيا ٽي 20 ۾ 10.4 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي ڏني وئي آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم ۽ يوني ايس او سي ٽائيگر ٽي 610 پراسيسر ان ڊوائيس جو حصو آهن.

اهو ٽيبليٽ 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج جي آپشنز ۾ دستياب هوندو جڏهن ته اسٽوريج ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.

ڪمپني طرفان ٽيبليٽ سان گڏ 2 سالن جي آپريٽنگ سسٽم ۽ 3 سالن تائين ماهوار سيڪيورٽي اپ ڊيٽس فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي.

ٽيبليٽ جي فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل جڏهن ته بيڪ تي 8 ميگا پڪسل ڪيمرا موجود آهي، جڏهن ته فرنٽ ڪيمرا فيس ان لاءِ لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿي.

October 12, 2021 at 5:06 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518