ونڊوز 10 کان ونڊوز 11 تي مفت اپ گريڊ ٿيڻ جو طريقو

Advertisements
Loading...

مائڪرو سافٽ آڪٽوبر 2021ع جي شروعات ۾ ونڊوز 11 آپريٽنگ سسٽم کي متعارف ڪرايو هو جيڪو اهل ڊوائيسز ۾ مفت اپ گريڊ ڪري سگھجي ٿو.

مائڪرو سافٽ طرفان ونڊوز 10 وارن سڀني ليپ ٽاپس لاءِ ونڊوز 11 مفت اپ گريڊ ڪئي ويندي.

پر ونڊوز 10 تي هلندڙ سڀني ڪمپيوٽرز تي ونڊوز 11 کي اپ گريڊ نٿو ڪري سگھجي.

ونڊوز 11 آپريٽنگ سسٽم اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ ڊوائيس ۾ گھٽ ۾ گھٽ انٽيل 8 جنريشن ڪافي ليڪ يا زين 2 سي پي يو-ٽي پي ايم 2.0 (ٽرسٽڊ پليٽ فارم موڊيول) سپورٽ، 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج گھربل آهن.

جيڪڏهن اوهان وٽ  ونڊوز 10 تي ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ آهي يا اهڙو ڊوائيس موجود آهي جنهن کي ونڊوز 11 تي اپ گريڊ ڪري سگھجي ٿو ته ان جو طريقو ڄاڻي وٺو.

پهريان ته مائڪرو سافٽ جي پي سي هيلٿ چيڪ اپ ذريعي اهو چيڪ ڪيو ته اوهان جو ڊوائيس ونڊوز 11 اپ گريڊ لاءِ اهل آهي يا نه.

پنهنجي سمورا ضروري دستاويز، ايپس ۽ ڊيٽا جو بيڪ اپ ٺاهي وٺو.

جيڪڏهن ڊوائيس اهل آهي ته ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ تي سيٽنگز ۾ وڃي اپ ڊيٽ اينڊ سيڪيورٽي پوءِ ونڊوز اپ ڊيٽ تي وڃو.

اتي اپ ڊيٽس کي چيڪ ڪيو ۽ جيڪڏهن ونڊوز 11 اپ گريڊ دستياب هجي ته اوهان کي ڊائون لوڊ ۽ انسٽال جو آپشن نظر ايندو.

October 12, 2021 at 5:04 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 46
  • 706
  • 1,613
  • 4,510
  • 4,510