پبلڪ سروس ڪميشن بنا اسان ڀرتي نٿا ڪري سگهون: سعيد غني

Advertisements
Loading...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان وٽ ان وقت افرادي قوت گهٽ آهي، ججن اسان جي اپيل ٻڌن، اسان جي ٻڌڻي نه پئي ٿئي.

نيشنل انسٽيٽيوٽ ليبر ايڊمنسٽريشن ٽريننگ تحت تقريب سان خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت مزدور دوست حڪومت آهي، ايجوڪيشن ورڪرز کي رڳو سنڌ ۾ يونين سازي جي اجازت آهي.

هن چيو ته اسان گهٽ کان گهٽ اجرت کي وڌايو آهي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي، مزدور جي گهٽ کان گهٽ اجرت 160 ڊالر هجڻ گهرجي، بينظير ڪارڊ جيان اسان جي ان منصوبي کي ٻيا صوبا به فالو ڪن.

سندس چوڻ هو ته ماڻهن جا ٻه وڏا ايشو آهن، هڪ صحت ۽ ٻيو تعليم، جيڪڏهن صحت ۽ تعليم جي سهولت ملي وڃي ته والدين تان بار ختم ٿي ويندو آهي.

سعيد غني چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فنڪسنل ناهي، پبلڪ سروس ڪميشن بنا اسان ڀرتي نٿا ڪري سگهون.

October 12, 2021 at 4:46 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 46
  • 706
  • 1,613
  • 4,510
  • 4,510