سنڌ ۾ اسڪولن کانپوءِ يونيورسٽين حوالي سان به اهم فيصلو

Advertisements
Loading...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي گهٽتائيءَ کانپوءِ حالتون معمول تي اچي رهيون آهن ۽ سنڌ ۾ اسڪولن کانپوءِ يونيورسٽيون کولڻ جي حوالي سان به اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جو زور گهٽجي رهيو آهي ۽ انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 1.88 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪورونا ڪيسن جي شرح گهٽجڻ کانپوءِ اين سي او سي جي هدايتن تي سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جي فيصلي کانپوءِ هاڻ يونيورسٽيون کولڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ سموريون يونيورسٽيون ۽ تعليمي بورڊ سومر کان 100 سيڪڙو حاضري سان کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي يونيورسٽين بابت وزير اسماعيل راهو موجب صوبي ۾ سموريون نجي ۽ سرڪاري يونيورسٽيون سڀاڻي کان 100 سيڪڙو حاضري سان کوليون وينديون.

سندس چوڻ هو ته اهو فيصلو اين سي او سي جي اجلاس جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ويڪسينيشن يقيني بڻائڻ لاءِ يونيورسٽين ۾ صحت کاتي وارا ڪائونٽر لڳائيندا.

واضح رهي ته سڀاڻي کان صوبي ۾ اسڪول به 100 سيڪڙو حاضري سان کوليا ويندا.

سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته سومر 11 آڪٽوبر کان سمورا نجي ۽ سرڪاري اسڪول 100 سيڪڙو حاضري سان کوليا ويندا، اسڪولن ۾ 100 سيڪڙو حاضري جو فيصلو اين سي او سي جي هدايتن تي ڪيو ويو آهي.

October 12, 2021 at 4:48 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518