سنڌ ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي جو اعلان

Advertisements
Loading...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت طرفان 12 ربيع الاول جي موقعي تي صوبي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواريءَ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي سيڪيورٽي خدشن کي ڏسندي 19 آڪٽوبر تي ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي.

پڌرائيءَ موجب عورتن، پيرسن شهرين، ٻارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ صحافين کي پابندي کان ڇوٽ هوندي.

October 12, 2021 at 4:43 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 45
  • 705
  • 1,612
  • 4,509
  • 4,509